رڻمل جاڙيجو

رڻمل جاڙيجو: رڻمل جاڙيجو ڪڇ جي جاڙيجن سمن مان مشهور هو، جيڪو دودي واري جنگ وقت ڪڇ واري ڪناري سان، پنهنجو قبيلو گڏ ڪري آباد هو. جڏهن علاؤالدين جو لشڪر دودي کي شڪست ڏئي سومرن جي پويان ڪڇ ۾ پهتو ته سڀ کان پهرين کيس جاڙيجي رڻمل جي مزاحمت سامهون پئي. رڻمل ڄام ابڙي کي نياپو موڪليو ته: ”آئون ترڪ لشڪر کي سامهون ٿيان ٿو، جيستائين دم هوندو، اوستائين کين تو تائين پهچڻ نه ڏيندس.“ پوءِ پنهنجي قبيلي جا ماڻهو وٺي ڪڇ جي واٽ تي ڌارئين لشڪر کي سامهون ٿيو ۽ وڙهندي وڙهندي شهيد ٿيو.


لفظ رڻمل جاڙيجوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو